پاڪستانسنڌ

ڪشمور ڀرسان هٿياربندن هٿان اوٻاوڙو واسي ڊرائيور قتل، ڪلينر اغوا

اوٻاوڙو: ڪشمور ڀرسان هٿياربندن سوئي روڊ تي حملو ڪري ڊمپر روڪي اوٻاوڙو جي ڳوٺ وسطي جيوڻ شاھه جي رھواسين ڊرائيور حشمت سميجو ۽ ڪلينر فضل الرحمان سميجو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي ڏوھارين گوليون ھڻي ڊمپر ڊرائيور حشمت سميجو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪلينر فضل الرحمان سميجو کي اغوا ڪري کڻي ويا. اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، جنهن کان پو سميجا برادري جي سوين ماڻھن واقعي واري ھنڌ پھچي نٽهڻ اُس ۾ سوئي روڊ تي ڌرڻو هڻي ڪشمور سوئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ٻئي طرف مقتول جو لاش ڇھن ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رهيو. ٻئي پاسي احتجاج جي اطلاع تي پوليس پهچي ڳوٺاڻن کي منٿون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ مقتول جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو. هوڏانهن مقتول جو لاش اباڻي ڳوٺ ڳوٺ ڄام خان سميجو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڏوهارين کي پٽون پاراتا ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button