ڪراچي: سنڌ حڪومت 30 سال پراڻي 2 ارب رپين جي قرض تي 22 ارب رپين کان وڌيڪ جو وياج ادا ڪرڻ باوجود وفاق جي 13 ارب رپين جي مقروض بڻيل آهي. سنڌ حڪومت مالي سال 95-1994ع ۾ وفاق کان 2 ارب، 23 ڪروڙ، 83 لک ۽ 67 هزار رپيا قرض ورتو هو. جنهن تي 30 سالن ۾ 22 ارب، 27 ڪروڙ، 65 لک ۽ 90 هزار رپيا وياج جي مد ۾ ادا ڪيو ويو آهي. ايتري وڏي رقم وياج جي مد ۾ ادا ڪرڻ باوجود سنڌ حڪومت 13 ارب، 29 ڪروڙ، 25 لک ۽ 50 هزار روپين جي وفاق جي قرضي آهي.
ناڻي واري کاتي جي دستاويز موجب مالي سال 15-2014ع تائين 12 ارب، 75 ڪروڙ، 79 لک ۽ 95 هزار رپيا ادا ڪرڻ باوجود 14 ارب، 13 ڪروڙ، 23 لک رپيا بقايا رهجي ويا هئا. جنهن کانپوءِ مالي سال 22-2021ع ۾ 15 ارب، 23 ڪروڙ، 53 لک رپيا بقايا هئا. هلندڙ مالي سال دوران 4 ارب، 21 ڪروڙ، 74 لک ۽ 30 هزار رپيا وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن. انهي باوجود به سنڌ حڪومت تي وفاق جا 13 ارب، 29 ڪروڙ، 25 لک ۽ 50 هزار رپيا بقايا آهن. ان حوالي سان 2001ع ۾ اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ ڪيش ڊولپمينٽ لون تي وياج ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. جنهن سبب سنڌ حڪومت اڄ تائين اربين روپين جو وياج ادا ڪري رهي آهي.