اسلام آبادپاڪستان

حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي وڌندڙ اگهن جي ڪري توانائي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. سعودي عرب هڪ دفعو ٻيهر 10 لک بيرل روزانو پيداوار گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سبب سال جي آخر تائين تيل جا اگهه هڪ دفعو ٻيهر 100 ڊالر في بيرل تائين پهچڻ جو خدشو آهي. انوائرومينٽ جي شعبي کي ترجيح ڏينداسين، واٽر سيڪيورٽي کي هٿي ڏينداسين. اسان ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪئي ۽ هاڻي ملڪ جا معاشي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پاڪستان کي هن وقت موسمي تبديلين سان سخت خطرا آهن. زراعت ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال جي ذريعي سبز انقلاب آندو ويندو. اڱاري تي هتي وزيراعظم شهبازشريف جي صدرت هيٺ ٿيندڙ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي احسن اقبال چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ اگهن سبب توانائي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان فيوسل فيول ۽ تيل تي ڀاڙينداسين ته اسان جي معيشت اهڙي طرح خطرن ۾ هوندي ته حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ٻن قسمن جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته هڪ قدم اهو آهي ته اسان توانائي جي بچت ڪريون ۽ ان لاءِ اڄ جيڪو ڪابينا پئڪيج منظور ڪيو هو ته انرجي کي بچائڻ لاءِ دڪان ۽ ڪمرشل سينٽرز کي رات 8 وڳي بند ٿيڻ گهرجي، اهڙي نموني جيڪي لائيٽون آهن جيڪي پراڻا بلب آهن انهن کي ختم ڪري ايل اي ڊي لائٽس جو استعمال ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اهڙي طرح جيڪي گيزر آهن انهن جي صلاحيت کي وڌايو وڃي، هي اهي قدم آهن جن جي ذريعي اسان ساليانو هڪ ارب ڊالر بچت ڪري سگهون ٿا. ڪابينا ان حوالي سان فيصلو ڪيو هو جڏهن ته ان ۾ صوبائي حڪومتون شريڪ نه هيون ته اڄ اين اي سي ۾ اسان ان کي ٻيهر ان لاءِ کڻي وياسين ته اتي اجلاس ۾ صوبائي حڪومتون به شريڪ ٿيون. احسن اقبال چيو ته هاڻي اسان اميد ڪريون ٿا ته صوبائي حڪومتون توانائي بچت جو جيڪو پيڪيج منظور ٿيو آهي، ان تي عمل ڪرائينديون. اسان پنهنجي ملڪ لاءِ توانائي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ته جيئن قيمتي ناڻو بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button