ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي تحت ڪيترائي اهم منصوبا شروع ڪيا ويندا. جن ۾ ييلو لائين بي آر ٽي لاءِ بسن جي فراهمي ۽ آپريشن، آئل پام نرسري ۽ ٽشو ڪلچر ليبارٽري، گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي هلندڙ ڪم جي مالياتي پڄاڻي، ٽنڊوالهيار بائي پاس جي تعمير ۽ ٽنڊوڄام ۾ نيڪال سسٽم جي تعمير ۽ راڻي باغ حيدرآباد پروجيڪٽ جا ترقياتي ڪم شامل آهن. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ساجد جوکيو، لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن جي سهڪار سان ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ماسٽر پلان 2030 تحت رٿابندي موجب بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم ذريعي ڪراچي جي شهري ٽرانسپورٽ جي مسئلن لاءِ جامع حل ڳوليو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ ماسٽر پلان تي عمل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ کاتي هڪ پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ 10 سالن جي رعايتي مدت ۾ پي پي پي جي معاهدي تحت ييلو لائين بي آر ٽي ايس لاءِ بسن جي فراهمي ۽ آپريشن شامل آهي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي لاڳت جو 50 سيڪڙو ورلڊ بئنڪ ڏيندو، يعني بي آر ٽي ييلو لائين ڪوريڊور جي ڊيولپمينٽ ۽ آپريشن، باقي رقم جو بندوبست نجي پارٽنر کي ڪرڻو پوندو. پرائيويٽ پارٽنر هڪ مارڪيٽنگ حڪمت عملي به ٺاهيندا ته جيئن بڊنگ جي عمل ۾ امڪاني سيڙپڪارن جي شموليت کي حساس بڻائي سگهجي ۽ خريداري دوران ايس ايم ٽي اي جي مدد ڪئي وڃي. پي پي پي پاليسي بورڊ منصوبي لاءِ بسن جي فراهمي ۽ آپريشن لاءِ فزيبلٽي اسٽڊيز ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائزري سروسز ۽ ييلو لائين بي آر ٽي پروجيڪٽ لاءِ پروڪيورمينٽ جو عمل شروع ڪرڻ جي پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏني. ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير اسماعيل راهو اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان هر سال 5 ارب ڊالرن جو 4 ڏهائي 5 ملين ٽن خوردني تيل درآمد ڪري ٿو جيڪو پيٽروليم کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو درآمدي بل آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي قدرتي طور تي هڪ شاهوڪار ساحلي پٽيءَ سان نوازيو ويو آهي جنهن ۾ ناريل ۽ آئل پام سميت زرعي فصلن جي پوک ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته آئل پام جو وڻ پوکڻ کان ٽن سالن کانپوءِ ميوو ڏيڻ شروع ڪندو آهي، جڏهن ته 7 سالن تائين مڪمل پختو ٿي وڃي ٿو. پاليسي بورڊ منصوبي جي منظوري ڏني ۽ ڊپارٽمينٽ کي اختيار ڏنو ته هو پي پي پي تحت منصوبو شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي لاءِ ڪمرشل ڪريڊٽ وڌائڻ ضروري آهي. پروجيڪٽ جي ٽائم لائنز ۽ مارڪيٽ جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي قرض ڏيندڙن هن وقت تائين 19 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، تنهن ڪري اجلاس ۾ فنانس کي اڳتي وڌڻ جي تجويز جي منظوري ڏني وئي ۽ صوبائي حڪومت 5 ارب رپيا اضافي لاڳت طور ڏيندي. پي پي پي بورڊ ان تجويز جي منظوري ڏني.
پاليسي بورڊ پنهنجي آخري اجلاس ۾ ٽنڊوالهيار بائي پاس ۽ ٽنڊو ڄام ۾ نيڪال سسٽم جي تعمير لاءِ رعايتي معاهدي تحت ڪم جي اضافي اسڪوپ لاءِ صوبائي وزير ورڪس جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. پي پي پي پاليسي بورڊ ڊرينيج سسٽم جي ترقي، حددخلين جي خاتمي ۽ ٽنڊوالهيار ناردرن بائي پاس تي ريلوي پل ۽ ريلوي لائين جي واڌ ۽ نئين اڏاوت لاءِ پاڪستان ريلوي کان اين او سي حاصل ڪرڻ ۽ رعايتي معاهدي تحت منصوبا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو مقصد ٽنڊو محمد خان کان سجاول کي ڳنڍيندڙ موجوده سنگل روڊ کي ٻه لين ٺاهڻ ۽ مسافرن ۽ ڳوٺاڻن شهري ٽرانسپورٽ کي محفوظ روڊ جي رسائي فراهم ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻن-شهري ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر لنڪس کي بهتر بنائڻ آهي. اجلاس ۾ رٿ جي منظوري ڏيندي ان کي وڌيڪ منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو. مڪاني کاتن واري صوبائي وزير ناصر شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته راڻي باغ 1861ع ۾ راڻي وڪٽوريا جي اعزاز ۾ بوٽنيڪل گارڊن طور قائم ڪيو ويو هو جيڪو حيدرآباد جي مرڪز ۾ آهي. پي پي پي بورڊ لوڪل گورنمينٽ کي منصوبي جي شروعات جي منظوري ڏئي ڇڏي.