سنڌ

ٽنڊي محمد خان ۾ پارڪ جو بورڊ درست نالي سان ٻيهر لڳايو ويو

ٽنڊي محمد خان ۾ مير غلام الله خان ٽالپر پارڪ جي نالي سان بورڊ لڳي ويو، جنهن تي شهر واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي. ميونسپل ڪميٽي جي آفيسر اعجاز ملاح صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جيڪو اڳ وارو ميونسپل پارڪ وارو بورڊ ٺهرايو هو، ان ۾ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ڪاغذن ۾ ميونسپل پارڪ لکيل هو تنهن ڪري پينٽر کان لکڻ ۾ غلطي ٿي، ان بابت سوشل ميڊيا تي واويلا ٿيڻ بعد معذرت پڻ ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽنڊو محمد خان شهر جي ترقي لا ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button