پاڪستانپنجاب

استحڪام پاڪستان پارٽي جو اعلان،پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا: جهانگير ترين

لاهور: جهانگير ترين نئين سياسي پارٽي استحڪام پاڪستان جي قيام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قائداعظم جي تعليم ۽ اقبال جي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري رهيا آهيون. جهانگير ترين چيو ته اسان اڄ نئين پارٽي “استحڪام پاڪستان” جو بنياد رکڻ آيا آهيون. هن چيو ته اسان جو ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، نئين پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺجي. جهانگير ترين چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حقيقتون توهان جي سامهون اينديون، جنهن مان توهان سڀني کي خبر پوندي ته اسان پي ٽي آءِ لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي، اسان هميشه سياسي مخالفن تي حملن جي خلاف هئاسين پر پي ٽي آءِ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ۽ شهيدن جي يادگار کي نقصان پهچايو، جيڪڏهن هن عمل کي ٻنجو نه ڏنو ويو ته ماڻهو گهرن ۾ داخل ٿي سڀني کي پريشان ڪندا.

جهانگير ترين چيو ته اسان ان رويي کي اڳتي وڌڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، پاڪستان کي اڄ اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا ورهاست ختم ڪري ۽ نفرت بدران محبت وڌائي. قوم کي اميد ڏئي ۽ ان کي نااميدي مان ڪڍي. هن چيو ته اسان جو جمهوري نظام تڏهن ئي مضبوط ٿي سگهي ٿو جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر آئيني ڪردار ادا ڪن. جهانگير ترين چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي قافلي ۾ وڌيڪ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو شامل ٿيندا. پارٽي جي سربراهه چيو ته اسان جي پارٽي عام ماڻهن جي پارٽي هوندي، قائداعظم جي تعليم ۽ علامه اقبال جي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ به جدوجهد ڪنداسين. ان کان اڳ پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ عليم خان جو چوڻ هو ته ملڪ جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ جهانگير ترين جي قيادت ۾ سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ مستقبل فراهم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button