ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ 15 ڏينھن کان بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف رحيم نگر ۽ ڪرسچن ڪالوني واسي مردن ۽ عورتن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري حيسڪو عملي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي علائقي واسين وڪيل نعمان ميمڻ، محبت علي مھر، احتشام غوري، نديم لغاري ۽ ٻين چيو ته اسان جي علائقي جو بجلي جو ٽرانسفارمر 15 ڏينهن کان سڙيل آهي، جنهن سبب شديد تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گھرن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه آهي، سخت گرمي سبب عورتون، مرد توڙي ٻار اذيتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھنن چيو ته بار بار حيسڪو اختيارين کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آهي. جڏهن ته ٽرانسفارمر مڪمل سڙي تباھه ٿي چڪو آهي، جيڪو ھلڻ جھيڙو نه آهي. ھنن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ بجلي جو نئون ٽرانسفارمر لڳائي بجلي بحال ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close