اسلام آبادپاڪستان

پگهار ۽ پينشن ۾ اضافو،گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار،دفاع لا1804 ارب

اسلام آباد ؛ نئين مالي سال جي 14 هزار 460 ارب رپين جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي. ترقياتي منصوبن لا تاريخي رقم رکي وئي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو تائين ۽ پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو تائين واڌ ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته دفاعي وزارت لا 1804 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ضروري شين جي درآمد تي ڊيوٽي ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڪالهه اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تجويزون پيش ڪيون، بجيٽ دستاويز موجب وفاقي بجيٽ 24-2023 جو مجموعي ڪاٿو 14 هزار 460 ارب رپيا رکيو ويو آهي. اسحاق ڊار پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته ايندڙ سال ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 92 کرب رپيا آهي، جنهن ۾ صوبن جو حصو 52 کرب 76 ارب رپيا هوندو. وفاقي نان ٽيڪس اوڳاڙيون 29 کرب 63 ارب رپيا هونديون، وفاقي حڪومت جي ڪُل آمدني 68 کرب 87 ارب رپيا هوندي. وفاقي حڪومت جي ڪُل خرچن جو ڪاٿو 144 کرب 60 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ وياج جي ادائيگين تي 73 کرب 3 ارب رپيا خرچ ٿيندا. بجيٽ دستاويز موجب ايف بي آر جو ٽيڪس وصولي جو هدف 92 کرب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڌي ريت وصولي جو ڪاٿو 37 کرب 59 ارب رپيا هوندو، جڏهن ته واسطي سان ٽيڪسن جو ڪاٿو 54 کرب 41 ارب رپيا هوندو، ان کانسواءِ غير ٽيڪس شده آمدني 29 کرب 63 ارب رپيا هوندي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ايندڙ سال پبلڪ سيڪٽر ڊويلپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ 9 کرب 50 ارب رپيا بجيٽ رکي وئي آهي، ان کانسواءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ٻه کرب رپين جي واڌو رقم کانپوءِ مجموعي ترقياتي بجيٽ 11 کرب 50 ارب رپين جي تاريخي بلند ترين سطح تي هوندي. اسحاق ڊار ٻڌايو ته هلندڙ سال جي دفاعي بجيٽ وڌائيندي 18 لک 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، گذريل مالي سال دفاعي بجيٽ 15 کرب 23 ارب رپيا هئي. هن ٻڌايو ته سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 7 کرب 14 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا، پينشن جي مد ۾ 7 کرب 61 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجلي، گئس ۽ ٻين شعبن لاءِ 10 کرب 74 ارب رپين جي رقم سبسڊي طور رکي وئي آهي. جڏهن ته مهانگائي جي شرح اندازن 21 سيڪڙو هوندي. بجيٽ خسارو 6 ڏهائي 54 سيڪڙو ۽ پرائمري سرپلس جي ڊي پي جو 0 ڏهائي چار سيڪڙو هوندو. ايندڙ مالي سال لاءِ برآمدن جو هدف 30 ارب ڊالر، جڏهن ته ناڻي جي پهچ جو هدف 33 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ حڪومت معاشي ترقي (جي ڊي پي) جو هدف 3 ڏهائي 5 سيڪڙو رکيو آهي. بجيٽ تقرير ۾ اسحاق ڊار ٻڌايو ته سرڪاري ملازمن جي گهٽ کان گهٽ پينشن 10 هزارن مان وڌائي 12 هزار ڪري رهيا آهيون، وفاقي حدن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا مقرر ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته اي او بي آءِ ذريعي پينشن حاصل ڪندڙ پينشنرز جي گهٽ کان گهٽ پينشن کي 8500 رپين مان وڌائي 10 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ کي 360 ارب رپين مان وڌائي 400 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ مالي سال ۾ 1800 ارب رپين مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، ايندڙ مالي سال ۾ 50000 زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته معياري ٻجن جي درآمد تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون ختم ڪري رهيا آهيون. بجيٽ دستاويز موجب وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي فور گريٽر واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ به رقم رکي آهي، ان لاءِ 17 ارب 50 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي ويندي. سولر پئنلز، انورٽرز ۽ بيٽري جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏئي رهيا آهيون. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ٻڌايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ موجوده خرچن جي مد ۾ 65 ارب ۽ ترقياتي خرچن جي مد ۾ 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڊار وڌيڪ چيو ته ڪاروباري ماحول کي آسان ڪرڻ لاءِ فري لانسرز کي سيلز ٽيڪس جي رجسٽريشن ۽ 24,000 ڊالر تائين سالياني درآمد تي ڇوٽ ڏني وئي آهي. دستاويزن موجب سرڪاري ملازمن جي ايڊهاڪ رليف الائونس ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. ايندڙ مالي سال ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جي سرڪاري ملازمن جي ايڊهاڪ رليف الائونس ۾ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي جي ملازمن جي ايڊهاڪ رليف الائونس ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي.فوجي الائونس ۾ 7 هزار کان 14 هزار رپيا مقرر ڪيا ويندا. پرڏيهي گهريلو ملازم رکڻ تي ودهولڊنگ ٽيڪس ڏيڻو پوندو. بجيٽ ۾ مختلف شعبن ۾ ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. کير جا ٽيٽرا پيڪيٽ، ٽين ٿيل مکڻ ۽ پنير وڌيڪ مهانگا ٿي ويندا، مڇي جا ٽين پيڪس، ڪڪڙ ۽ انڊن جا پيڪيٽ به 18 سيڪڙو ٽيڪس سان وڌي ويندا. برانڊ ٿيل ڪپڙا قيمتي هوندا. جي ايس ٽي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، ڪافي هائوسز، دڪانن ۽ کاڌي پيتي جي دڪانن تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، ٽيڪس ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائيگي تي هوندي. وفاقي حڪومت 50 هزار کان وڌيڪ رقم نڪرندڙ نان فائلرز تي ٽيڪس جي شرح وڌائي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button