پاڪستانسنڌ

پي ٽي آئي جي ناراض يوسي چيئرمينن جو حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقامي قيادت ۽ چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. پي ٽي آءِ جي يوسي چيئرمينن قيادت جي فيصلي کي نه مڃيندي جماعت اسلامي جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان فيصلي کان پارٽي قيادت کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب روزاني ايڪسپريس جي 8 جون جي ايڊيشن ۾ شايع ٿيل خبر درست ثابت ٿي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي قيادت کان ناراض ٿيل يوسي چيئرمينن قيادت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي ميئر لاءِ جماعت اسلامي جي اميدوار ووٽ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊيل يوسي چيئرمين اسد امان ۽ ٻين دعويٰ ڪئي آهي ته ميئر جي چونڊ واري ڏينهن پي ٽي آءِ جا 40 جي لڳ ڀڳ چيئرمين ايوان ۾ نه ويندا ۽ حافظ نعيم کي ووٽ نه ڏيندا، ڇاڪاڻ ته جماعت اسلامي هميشه پي ٽي آءِ جي مخالفت ڪئي آهي. يوسي چيئرمين اسد امان چيو ته اسان تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، پيپلز پارٽي خلاف هئاسين ۽ آهيون پر جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button