اسلام آباد : نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي چيئرمين طارق ملڪ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي هنئي وئي. نادرا ترجمان موجب طارق ملڪ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي پر ان حوالي سان حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا چيئرمين خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ جاچ جاري آهي. ذريعن موجب طارق ملڪ نجي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هن وزيراعظم سان ملاقات لاءِ وقت گهريو هو. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران شهباز شريف طارق ملڪ جي بطور چيئرمين نادرا خدمتن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ملاقات کانپوءِ ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ طارق ملڪ چيو ته هن پنهنجي ٻن سالن جي دور ۾ 45 کان وڌيڪ جديد خدمتون ۽ سهولتون متعارف ڪرايون جن جو مقصد ٻارن، نوجوانن ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ آهي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته طارق ملڪ تي نادرا ۾ ڪرپشن جا الزام آهن، طارق ملڪ خلاف نيب ۾ آئرس سسٽم جي خريداري ۾ ڪرپشن جي جاچ جاري آهي، جنهن سبب هن استعيفيٰ ڏني.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close