دولتپورصفن: دولتپورصفن ڀرسان ڳوٺ هوتجو واهڻ واسڻ اغوا ٿيل نينگري ثنا شاهه کي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ حنان علي ڪلهوڙو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي نينگري پنهنجي وارثن سان وڃڻ جو بيان ڏنو، جنهن کان پو عدالت کيس پنهنجي وارثن سيد اسماعيل شاھه ۽ سيد هارون شاهھ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف ثنا شاھه پنهنجي عزيزن سان ڀاڪر پائي لڙڪ لاڙيندي رهي. ان موقعي تي ثنا شاھه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪنهن جي دٻا ۾ ناهيان، پنهنجي وارثن سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي. ٻئي طرف پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار محمد اسماعيل ڏاهري ريلي جي صورت ۾ عدالت پهچي سيده ثنا شاھه کي اجرڪ اوڍايو. هوڏانهن نينگري جي پيشي دوران سوين ماڻهو عدالت ۾ بيٺل رهيا، جڏهن ته سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي. سيد اتحاد تنظيم جي اڳواڻن سيد علي مرتضيٰ شاھه جهانيان، سيد حامد شاھه جهانيان، سيد قربان شاهھ ۽ ٻين وارثن نينگري جي اغوا خلاف آواز اٿاريندڙن جا ٿورا مڃيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close