سڪرنڊ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه سڪرنڊ ۾ سعيد الله جمالي پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين ملڪ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ ڪاسٽ نه ٿيندا، تيستائين ملڪ ۾ صحيح حڪمران نه ايندا، ان لاءِ ملڪ کي صحيح طريقي سان هلائڻ لاءِ عوام کي ايماندار حڪمران چونڊڻا پوندا، جنهن جو درست طريقو اليڪشن آهي سليڪشن نه، پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ 75 سالن جي تاريخ ۾ ايئن ٿيو آهي جو اڳواٽ طئي ڪيو ٿو وڃي ته ڪنهن کي چونڊرائڻو آهي ۽ ڪنهن کي حڪومت ڏيڻي آهي، پارٽين جي عهديدارن ۽ همدردن کان زبردستي وفاداريون تبديل ڪرايون پيون وڃن، اڪثر ڪري سائين جي ايم سيد، بلوچستان ۽ سرحد جي اڳواڻن کي قيد و بند رکيو ويو، اڄ به ساڳيو ئي طريقو استعمال ٿي رهيو آهي، پنهنجي مرضي جي حڪومت آڻڻ لاءِ مختلف پارٽين جي اڳواڻن کي گرفتار ڪري قيد و بند رکيو وڃي ٿو. هينئر اليڪشن ڍونگ بڻجي چڪي آهي، اهو ڍونگ بند ٿيڻ گهرجي، ملڪ جا اصل وارث جيڪو چاهين ٿا اهو اليڪشن کان بغير ئي هر پنج سالن بعد مقرر ڪريو ڇڏين، اڄ به عوام غلامي واري زندگي گذاري رهيو آهي، ان کان بهتر هجي ها ته اسان انگريزن جا غلام هجون ها، جنهن ۾ ملڪ جي صورتحال ته بهتر هئي. ان موقعي تي سعيد الله جمالي، محمد خان گدارو، شهمير جمالي، قاسم سومرو، شوڪت حسين ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته سيد زين شاهه بزرگ شهيد جيئو جنگ جي مزار تي چادر چاڙهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close