سنڌ

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب طرفان 10 ڏينهن ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 10 ڏينهن ۾ هو ۽ ڊپٽي ميئر اليڪشن وڙهندا، هن ايندڙ 100 ڏينهن ۾ شهر ۾ سڌارو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ايندڙ 100 ڏينهن ۾ شهرين کي سڌارو نطر ايندو، اسان سڀ گڏجي ڪراچي جي شهرين جي خدمت ڪنداسين، ڪم جي نيت به آهي ۽ ڪم ٿيندو نطر به ايندو، اسان تنقيد جو جواب تنقيد بدران پنهنجي ڪم سان ڏينداسين، منهنجي ترجيح ڪي ايم سي کي مالي طور تي سگهارو ڪرڻ آهي. هن چيو ته اندازو آهي ته ڪراچي ۾ کوڙ سارا مسئلا آهن، ڪافي شين کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. برسات کان پوءِ ٿيندڙ مسئلا پهريان حل ڪنداسين. نالن جي تعمير ۽ مرمت جي ضرورت آهي، شهر جي رستن ۽ ڀتين تي اشتهار نه لڳايا وڃن. مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ پاڻي ڏيڻ اسان جي ترجيح هوندو، ماضي ۾ ڪنهن پاڻي وڌائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو. وفاق کان به پاڻي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان سان گڏ ئي حب ڊيم کان نئون ڪئنال ڪراچي آندو ويندو، نئون ڪئنال پراڻي ڪئنال سان گڏ وڌو ويندو، جڏهن ته ويسٽ واٽر کي به ري سائيڪل ڪيو ويندو. ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته شهرين جا اهنج تڪليفون گهٽائڻ چاهيون ٿا، سيوريج جي پاڻي سان روڊ رستا خراب ٿي وڃن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خاص ڌيان ڏيندي ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي، جنهن سان شهرين جو وڏو انگ فائدو وٺي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button