سنڌ

سنڌ ۾ پيپلز بس سروس جي ايپ لانچ ڪرڻ جو اعلان

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ پيپلز بس سروس جي ايپ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي ۽ اين آر ٽي سي جي اختيارين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلز بس سروس انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم تحت هلائڻ ۽ آن لائن سسٽم سان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پيپلز بس ۾ سفر ڪندڙ شهرين کي ايپ سان گاڏي جي لوڪيش جي آساني سان خبر پئجي ويندي ۽ واهپيدار آن لائن بڪنگ، روٽ ۽ ڀاڙي سميت ٻي ضروري ڄاڻ به حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته ايپ ذريعي واهپيدار پنهنجي شڪايت به سڌي ريت اختيارين تائين پهچائي سگهندا. اجلاس ۾ چيو ويو ته انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم تحت پيپلز بس جي مانيٽرنگ ٿيندي، بس ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون به لڳايون وينديون، جڏهن ته بس ۾ آڊيو سسٽم، يو ايس بي پورٽ، واءِ فاءِ ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ ڊرائيور الارم به هوندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 20 گرين بسون 20 آگسٽ تائين پاڪستان پهچي پيپلز بس سروس جو حصو بڻجي وينديون. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اليڪٽرڪ بسن جي چارجرز جو مسئلو به ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ حيدرآباد ۾ هالا ناڪي کان کيسانا موري تائين پيپلز بس سروس هلائڻ ۽ لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ بابت سروي تي غور ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته عوام کي بهترين، سستي بس سروس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، سنڌ حڪومت عوام جي سفري تڪليفن جو خاتمو چاهي ٿي، تنهن ڪري ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ميرپورخاص جي ٻهراڙي وارن علائقن کي پيپلز بس سروس ذريعي شهري علائقن سان جوڙيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button