پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ بي آئي ايس پي سينٽر تي رش، عورت ۽ 2 ٻار بيهوش

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج اندر قائم بي آئي ايس پي سينٽر ۾ وظيفي جي رقم وٺڻ لاءِ ٿر جي ٻهراڙي جي ڳوٺن کان مستحق عورتن جا هجوم اچي ويا، رش ۾ گرمي لڳڻ سبب هڪ عورت ۽ 2 ٻارڙا بيهوش ٿي ويا، جن کي پوليس اسپتال پهچايو. ٻئي پاسي عورتن وظيفي جي رقم مان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي جون شڪايتون ڪيون ۽ ڪاروائي لا دانهون ڪيون. ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن جي ڳوٺن مبارڪ رند، ڪيتار، کينسر، ساڪريو، کيمي جو پار ۽ عيداڻي سميت مختلف ڳوٺن کان آيل عورتن لا پيئڻ جي پاڻي سميت ويهڻ لا ڪو بندوبست نه ڪيو ويو. عورتن دانهون ڪندي چيو ته ڊوائيس وارن ايجنٽ رکي آهن، جيڪي هڪ هزار کان 12 سئو رپيا ڪٽوتي ڪري پو پئسا ڏين ٿا، ڪٽوتي کان انڪار ڪندڙ عورتن کي فنگر پرنٽس ميچ نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي واپس ڪيو پيو وڃي، اسان جون دانهون ٻڌڻ لا انتظاميا سميت پوليس به نٿي اچي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته ڊوائيس هولڊر ۽ سندس ايجنٽن خلاف قدم کڻي مڪمل رقم ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button