اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي سفير جي اسحاق ڊار سان ملاقات،مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد : پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. اربع تي جاري ڪيل پڌرائي مطابق ناڻي واري وزير سينيٽر سفير جي آجيان ڪئي، سفير ڊونلڊ بلوم ۽ آمريڪا سان اقتصادي ۽ واپاري محاذن تي گهاٽا تعريفي ۽ جٽادار ٻطرفي لاڳاپن کي ساراهيو. ناڻي واري وزير چئلينجنگ معاشي ماحول کي منهن ڏيڻ ۽ معيشت کي استحڪام ۽ ترقي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ترجيحن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير آمريڪي سفير کي پنهنجي قومي ۽ بين الاقوامي مالياتي ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ مالياتي فرق کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت جي بجيٽ قدمن بابت وڌيڪ ٻڌايو. ناڻي واري وزير سفير کي آئي ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته حڪومت هن پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. سفير ڊونلڊ بلوم، آمريڪي سفير معاشي استحڪام ۽ عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ حڪومت جي پاليسين ۽ پروگرامن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button