اسلام آبادپاڪستان

جسٽس قاضي فائز جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري

اسلام آباد :صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال آئين جي آرٽيڪل 179 تحت 16 سيپٽمبر 2023 تي رٽائر ٿيندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس طور مقرري 17 سيپٽمبر 2023 کان جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ سان ٿيندي. صدر چيف جسٽس جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اي 3 تحت ڪئي آهي. صدر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان 17 سيپٽمبر 2023 تي عهدي جو حلف وٺندو. صدر ٻه مهينا اڳ ئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بڻجڻ جي منظوري ڏني آهي. قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جو 29 هون چيف جسٽس هوندو. موجوده چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٻه فيبروري 2022 ۾ چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کنيو هو. صدر جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان چيف جسٽس جي مقرري جي خبر جاري ڪئي وئي آهي. هوڏانهن قانون واري وزارت به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 26 آڪٽوبر 1959ع تي ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿيو، سندس والد مرحوم قاضي محمد عيسى آف پشين، پاڪستان تحريڪ جو اهم ميمبر ۽ قائداعظم محمد علي جناح جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي پرائمري تعليم ڪوئيٽا ۾ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي گرامر اسڪول ڪراچي مان ‘او’ ۽ ‘اي’ ليول مڪمل ڪيا، جنهن کان پوءِ قانون پڙهڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ ڪورٽ اسڪول مان بار پروفيشنل جو امتحان پاس ڪيائين. 30 جنوري 1985ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل طور رجسٽر ٿيو ۽ پوءِ مارچ 1998ع ۾ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 27 سال قانوني پيشي سان لاڳاپيل رهيو، ان کان اڳ بلوچستان هاءِ ڪورٽ، وفاقي شرعي عدالت ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو، بار ايسوسي ايشن آف پاڪستان جو تاحيات ميمبر به رهيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 5 سيپٽمبر 2014ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج طور حلف کنيو. هو هن وقت پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان اسلام آباد ۾ رهائش پذير آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button