پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ويجهو 6 ٻارن جي پي خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ويجهو درزي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ لونگ دلپوٽو اسٽاپ وٽ درزي 32 ورهين جي مالهو پٽ ريشمون ميگهواڙ گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ وارثن چيو ته فوتي درزي جو دماغي توازن درست نه هو، صبح جو دڪان تي ڪم ڪري واپس گهر اچي گهرڀاتين جي غير موجودگي ۾ ڦاهو کائي انت آندو. مالهو 6 ٻارن جو پي هو. هوڏانهن اطلاع تي پوليس پهچي ڄاڻ ورتي. وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button