
خانه بدوش رائٽرس ڪيفي حيدرآباد پاران “ليکڪ سان ملاقات” ۾ اردو ادب جي نامياري ليکڪه ۽ ڪهاڻيڪار ثمينا نذير سان فڪري ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس ڪهاڻين جي ڪتاب “ڪلو” جو مهورت ڪيو ويو، تقريب ۾ ثمينا نذير کانسواءِ سنڌي ادب جي نامياري ليکڪه نور الهدى شاهه، عطيه دائود ۽ حوري نوراني ڪتاب تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي نامياري ليکڪه ۽ ڪتاب “ڪلو” جي تخليقڪار ثمينا نذير ڳالهائيندي چيو ته ٽي وي جو ڊرامو ويهي لکڻو پوندو آهي پر ڪلو جهڙو افسانو دل مان نڪرندڙ پنهنجن احساسن جي ذريعي تخليق ٿي ويندو آهي، اهو نه سوچيو هو ته آئون ويهي ٻين جون ڪهاڻيون لکنديس. هن چيو ته دنيا جي سمورين عورتن جي صورتحال تقريبن ساڳي آهي پر خاص طور تي برصغير جي عورت جي تنهائي، محرومي ۽ خواب الڳ موضوع آهن. هن چيو ته ڪهاڻيون لکڻ لاءِ درد کي محسوس ڪرڻ ضروري آهي.