سنڌ

وارهه ويجهو موٽرسائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري 4 ڄڻا زخمي

وارهه روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ خاوند ڏنو گهوگهاڻي جو رهواسي طارق گهوگهاڻي سندس ڀاءُ راشد، ڀاڄائي بيگم خاتون ۽ 8 ورهين جي نينگري ريحانا گهوگهاڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين کڻائي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ان موقعي تي طارق گهوگهاڻي ٻڌايو ته مان گهرڀاتين سان گڏجي موٽرسائيڪل تي ڳوٺ کان وارهه اسٽاف طرف وڃي رهيو هيس ته موٽرسائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿي پيو، جنهن ڪري اهڙو حادثو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button