سنڌ

مقصودو رند ڀرسان جهيڙي جو زخمي نوجوان فوت،جوابدار گرفتار

مقصودو رند ڀرسان معمولي ڳالھه جھيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب مقصودو رند لڳ 12 ڏينھن اڳ ڳوٺ دائم حاجاڻو ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان 2 سؤٽ پاڻ ۾ وڙھي پيا ھئا، جنهن ۾ نوجوان عاشق علي حاجاڻو ڪھاڙي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو ھو، جنھن کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو، جتي هن رات دير سان زخمن جا سور نه سھندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي فوت ٿيڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، جڏھن ته پوليس قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار انصاف حاجاڻو کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button