سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ طالباڻي جت جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان نديم جت جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي عورتن مائي ساجده جت، مائي گلزار خاتون، اميده خاتون جت، مٺل خاتون جت ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 11 نومبر تي نوجوان نديم جت پنهنجي پي شمس الدين جت ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ حاضري بعد واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته ايس ايس پي چوڪ وٽ ٻن پوليس موبائيل ۽ هڪ ڪار ۾ سوار پوليس اهلڪارن ايس ايڇ او تعلقو ٿاڻو خادم مگسي ۽ سي آءِ اي جي ايس ايڇ او احسان بليدي جي اڳواڻي ۾ سندن رستو روڪي نوجوان نديم جت کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، اسان سخت پريشان آهيون، پوليس ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. ايس ايڇ او خادم مگسي کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ 50 هزار رشوت گهري رهيو آهي، پيسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ يا زخمي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button