پاڪستانسنڌ

اسلام آباد جا حڪمران سنڌ کي ديوار سان لڳائين پيا،برابري ڏني وڃي:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي لاھور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌ وارن کي اھا خبر به ناھي ته اسان ھن ملڪ ۾ آھيون به الائي نه. اسلام آباد جا حڪمران سنڌ جي ماڻھن کي ديوار سان لڳائين پيا، جيڪڏھن اھو سلسلو رھيو ته ان جي ڪاسٽ وڌيڪ ڏيڻي پوندي اوھان کي، اسان پنھنجو حصو گھرون ٿا، اسان کي برابري جو حصو ڏنو وڃي. اسين پرامن ماڻھو جن وٽ ھٿيار کڻڻ جي تربيت ۽ تاريخ ڪونھي، اسين انتهاپسندي جي رستي تي ناهيون. اسين اوھان کي محمد علي جناح ڏئي سگھون ٿا، موھن جي دڙي جي سولائيزيشن ڏئي سگھون ٿا، ذوالفقار علي ڀٽو ڏئي سگھون ٿا، جنھن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، اسين رسول بخش پليجو ڏئي سگھون ٿا، جنھن کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ 8 سال قيد رکيو ويو، اسين شيخ اياز ڏئي سگھون ٿا، جيڪو ساھيوال جيل ۾ قيد رھيو، اسين جي ايم سيد ڏئي سگھون ٿا، جنھن کي غدار قرار ڏنو ويو، اسين حيدر بخش جتوئي ڏئي سگھون ٿا، اسين بينظير ڀٽو ڏئي سگھون ٿا، جنھن کي راولپنڊي جي رستن تي قتل ڪيو ويو. اسان اھي ناهيون، جيڪي ماڻھن کي واجب القتل قرار ڏين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button