اسلام آبادپاڪستان

بجلي ڪمپنين کي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بند ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اڻ اعلانيل لوڊشيدنگ بند ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نورعالم خان چيو ته گرمي ۾ عوام جو برو هال آهي نه بجلي جو وزير اچي رهيو آهي نه پاڻي جو، سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي. ظلم هي ڪم ٿا ۽ گارگند اسان برداشت ڪريون ٿا. نورعالم خان چيو ته بجلي جو اگهه ته روزانو وڌي رهيو آهي پر ماڻهن کي بجلي نه پئي ڏني وڃي. ڇا اسان ان لا حڪومت ۾ آيا هئاسين؟ هن چيو ته ڇا پشاور، پنجاب، بلوچستان، لاڙڪاڻو ۽ سکر جو عوام پاڪستاني نه آهي. اسان بيعزتي لاءِ هتي ناهيون ويٺا، لودشيڊنگ ڪرڻي آهي ته وقت مقرر ڪريو. نورعالم خان چيو ته هن معاملي تي اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. ملڪ ۾ گرمي پد 44 کان 48 ڊگري هلي رهيو آهي، خدا جي واسطي هوش ڪريو ۽ معاملو حل ڪريو. نورعالم خان چيو ته جمعي ڏينهن 12 کان 2 وڳي لوڊشينگ نه ٿيڻ گهرجي. ڊپٽي اسپيڪر صاحب ان تي رولنگ ڏيو، جنهن کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته بجلي فراهم ڪمپنين کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بند ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button