اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدليا قانون جي بالادستي قائم ڪري، جيڪڏهن نٿي ڪري سگهي ته پوءِ تالا لڳائي ڇڏي. پي ٽي آئي چيئرمين 9 مئي جي واقعي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ۽ معافي وٺي، ان ليڊر ڳالهه نه مڃي ۽ پنهنجي پارٽي کي بند گهٽي ۾ پهچائي ڇڏيو. اسان کي جمهوري نظام کي بند گهٽي ۾ وڃڻ کان بچائڻو پوندو. جيڪي ڪالهه جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين تي يقين نه رکندا هئا اهي اڄ ساڳي آئين، انساني حقن ۽ جمهوريت جي پويان لڪي رهيا آهن. شهبازشريف (ن) ليگ کان وڌيڪ پيپلزپارٽي جو وزيراعظم آهي، آصف زرداري لاءِ مشهور آهي ته هو يارن جو يار آهي. شاهدي ڏيان ٿو ته وزيراعظم شهبازشريف جهڙي محنت سان ڪم ڪندڙ ناهي ڏٺو. ٻوڏ متاثرن جي منصوبن ۽ خاطري تي ناڻي وارو وزير جو ٿورو مڃان ٿو. اسان اپوزيشن ۾ هجون يا حڪومت ۾ اسان جي سياست گارگند واري سياست نه آهي. جمعي تي قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم جا پنهنجا ئي واعدا هئا جيڪي پورا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. اسحاق ڊار منهنجو انڪل آهي، ان جو ميثاق جمهوريت جي حوالي سان وڏو اهم ڪردار آهي. سڀ کان پهريان هن 2006 ۾ محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪئي هئي منهنجو ان سان ننڍپڻ کان تعلق آهي. هن چيو ته اسان کي وزيراعظم جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن، ٻوڏ متاثرن لاءِ نئين سر تعمير لاءِ رقم بجيٽ ۾ رکي وئي آهي. وزيراعظم سمورن ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ پاڻ تباهي ڏٺي ۽ ماڻهن سان واعدا ڪيا. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان گڏجي سڄي دنيا جو ڌيان ٻوڏ جي تباهين ڏانهن ڇڪايو، اسان دنيا جي وڏن ملڪن ۽ گڏيل قومن سان گڏجي جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرائي جنهن ۾ عالمي مالياتي ادارن ۽ مختلف ملڪن پاران 9 ارب ڊالر جي فنڊز جي اعلانن جي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن اسان واپس آياسين ته وزيراعظم ان ڪاميابي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. هن چيو ته موسمي تبديلين جي ڪري سڄو ملڪ متاثر ٿيو آهي، اسان کي هر قسم جي انفرااسٽرڪچر ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ تمام وڌيڪ وسيلا گهرجن. ماحول دوست، توانائي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، انهن اسڪيمن جي فنڊنگ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اقوام متحده هجي يا ڪوپ-29 هجي اسان کي انهن فورمز کي به موسمي تبديلين جي حوالي سان پنهنجي سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي مستقبل جي رٿابندي ۾ به گرين انرجي گرين ايگريڪلچر ۽ موسمي تبديلين سان منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. بلاول چيو ته ڪوڙ تي ٻڌل مقبول سياست کان اسان کي نجات حاصل ڪرڻي پوندي، آمريڪا ۾ به مقبول سياستدان جي خلاف ايڪشن شروع ٿيو. ان قانون جي حڪمراني جي ذريعي رياست جي عملداري قائم ڪئي. اڳوڻي آمريڪي صدر جا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا. اڳوڻي صدر ڪانگريس تي حملو ڪيو، اسان وٽ مقبول سياستدان به اهڙي قسم جي حڪمت عملي جوڙي اسان جو آئين ٽوڙيو ويو، بي اعتمادي رٿ ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 25 مئي تي اسلام آباد کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، هي به آئي ايم ايف پروگرام جي خلاف سازش هئي. ان وقت وفاقي ناڻي وارو وزير ۽ ڪي پي ڪي جو صوبائي ناڻي وارو وزير سازش ۾ شريڪ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ٽوڪ ڪئي ته اسان ته آمريڪا کان وڌيڪ وڏا جمهوري ماڻهو جن ان جي خلاف ڪائي ڪارروائي نه ڪئي. 9 مئي تي هن جناح هائوس تي حملا، دفاعي هنڌن شهيدن جي يادگار ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيا، ڇا امريڪا ۾ هي حملا ٿين ها ته جمهوريت جي نالي تي ان کي ڇڏيو وڃي ها.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close