چوٽياريون: چوٽياريون ويجهو پورهيت ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳوٺ جاني جوڻيجو جي رهواسي پورهيت 45 سالن جو عطا محمد پٽ راهب جوڻيجو لونگهڻو ڍنڍ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب پورهيت صبح جو ڍنڍ جي وچ ۾ قائم ٻيٽ تي چوپائي مال جي سماءُ خاطر لونگهڻو ڍنڍ جي ڪپر تي ڪپڙا لاهي روانو ٿي پيو، جنهن بعد ڪافي وقت گذرڻ باوجود واپس نه اچڻ تي وارثن ٽوٻن جي مدد سان ڳولا ڪئي ته سندس لاش هٿ آيو، جنهن کي ٻن ڪلاڪن بعد مقامي ٽوٻن ٻاهر ڪڍيو، پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. فوتي هڪ ٻار جو پي هو ۽ او جي ڊي سي ايل ۾ ڪچو ملازم هو، جيڪو بدين ۾ ڊيوٽي ڪندو هو. گذريل ڏينهن عيد جي موڪلن تي ڳوٺ آيل هو. جڏھن ته فوتي پورهيت جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close