اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف معاهدي جو ٻڌي تخريبڪارن روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڇڏيو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان سمجهوتو ويجهو ٿيڻ جي خبر ٻڌندي ئي تخريبڪارن، سازشين ۽ ملڪ دشمنن جو روئڻ پٽڻ ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. نواز شريف ملڪي معيشت مستحڪم ڪري ويو هو، فارن ايجنٽ معيشت جا بنياد لوڏي ڇڏيا ۽ ملڪ ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ ويو. آچر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معيشت جو ٻيڙو ٻوڙڻ وارا پنهنجي ئي ڪيل آءِ ايم ايف سان معاهدي کي بحال ٿيندي ڏسي روئي ڇو رهيا آهن؟ 9 مئي تي ملڪ ساڙيو ويو، فوجي ۽ نجي ملڪيتن تي حملا ڪيا ويا، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، هاڻي معاشي مفادن تي حملن جي وري تياري آهي. هن چيو ته هنن سخت شرطن تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، پاڻ خلاف ورزي ڪئي، پنهنجو ڪيل معاهدو ٽوڙيو، پوءِ ملڪ ۽ معاهدي خلاف سازشون به ڪيون. هاڻي معاهدو ٿيڻ تي رڙيون ڪندڙن کان سوال اهو پڇڻ گهرجي ته اوهان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڇو ڪيو هو؟ جيڪي معاهدو ٿيڻ تي رڙيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته نواز شريف ملڪي معيشت مستحڪم ڪري ويو هو، فارن ايجنٽ معيشت جا بنياد لوڏي ڇڏيا ۽ ملڪ ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ ويو. وفاقي وزير چيو ته معاشي بارودي سرنگهون وڇائڻ، ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ ۽ عوام جي روزي روٽي تي ڌاڙو هڻندڙ فارن ايجنٽ اڄ اسحاق ڊار کان استعيفا گهري رهيو آهي، عوام جي پيٽ تي مهانگائي جا پٿر ٻڌندڙ بي شرم ڏوهاري ملڪي معيشت سنڀالڻ واري اسحاق ڊار کان استعيفا گهري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button