پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ڦٽي جو اگهه ڪيرائڻ ۽ پاڻي نه ملڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ تازو لٿل ڦٽي جي فصل جي ريٽن ۾ هٿرادو گهٽتائي ۽ نارا ڪئنال مان حصي جو پاڻي نه ڏيڻ خلاف انڊس ايگريڪچلر فائونڊيشن جي سڏ تي ڪيترن ئي آبادگارن پريس ڪلب ٻاهران ڀوم سنگهه سوڍو، علي رضا راڄڙ، قربان سومرو، حاجي انور راڄڙ، ڌنيش ڪمار مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن ۽ واپارين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ھنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منافعي خور سيٺن ۽ ڪارخاني مالڪن تازو لٿل ڦٽي جي فصل جا اگهه هٿرادو ڪيرائي آبادگارن سان ظلم ڪيو آهي، ڦٽي جو ريٽ 10 هزار رپيا مڻ هجڻ گهرجي، پر هتي هٿرادو گهٽتائي ڪري 7500 اگهه ڪيو ويو آهي، جيڪو آبادگارن سان ظلم آهي، گذريل سال آيل ٻوڏ ۾ آبادگارن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو، ڊيزل، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن، پر جڏهن فصل لهي ٿو ته منافعي خور سيٺ ۽ ڪارخاني مالڪ فصل جا اگهه هٿرداو ڪيرائي آبادگارن سان ظلم پيا ڪن، فورن ڦٽي جو اگهه 10 هزار رپيا مقرر ڪيو وڃي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان عمرڪوٽ ضلعي جي شاخن ۽ واهن ۾ نارا ڪئنال مان حصي جو پاڻي ڏيڻ بدران چوٽياريون ڊئم جو پاڻي ڏنو پيو وڃي، ڊئم جو پاڻي کارو هئڻ ڪري زمنيون بنجر بڻجي رهيون آهن، عمرڪوٽ سب ڊويزن کي نارا ڪئنال مان حصي پاڻي ڏئي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي، ٻي صورت احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button