پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش خلاف مظاهرو

چيلهار: چيلهار جي رانديگرن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي قبضي خلاف سخت احتجاج ڪيو. نيو آباد پاڙي جي رانديگرن وڏي تعداد ۾ احتحاج ڪندي قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي رانديگرن چندر منٺاراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان گرائونڊ تي ڪرڪيٽ کيڏي رھيا آھيون، پر ڪجھه وقت کان بااثر دلپت آنند ۽ رڻڇو ڀڳت گرائونڊ تي زبردستي اڏاوت ڪرڻ چاھين ٿا ۽ اسان کي راند کان منع ڪري ڌمڪيون ڏين ٿا. رانديگرن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button