پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ نابالغ ڇوڪري سان اغوا بعد جنسي زيادتي جو انڪشاف

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ نابالغ ڇوڪري کي اغوا ڪري جنسي زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس ڪا مدد نه ڪئي. خبر موجب ميرپورخاص ۾ سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي حد پٺاڻ گلي جي رهواسڻ 17 سالن جي ڇوڪري کي مبينا اغوا ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڇوڪري کي بهاني سان گهر ٻاهران گهرائي سندس مائٽ هڪ نامعلوم عورت سان گڏ اغوا ڪري هٿ پير ٻڌڻ کانپو ڪار ۾ اغوا ڪري ويو، ڇوڪري کي نامعلوم هنڌ تي رکي مٿس سندس مائٽ، عورت ۽ 2 نامعلوم مرد ٻن ڏينهن تائين تشدد ڪندا رهيا، جتي ڇوڪري سان سندس مائٽ زيادتي پڻ ڪندو رهيو. ان سلسلي ۾ زيادتي جو شڪار ڇوڪري ٻڌايو ته منهنجي مائٽ بهاني سان گهر ٻاهران گهرائي هٿ پير ٻڌڻ کانپو ڪار ۾ وجهي نامعلوم هنڌ کڻي ويو، جنهن سان گڏ هڪ نامعلوم عورت ۽ 2 نامعلوم مرد پڻ هئا، جيڪي مسلسل 2 ڏينهن تائين تشدد ڪندا رهيا ۽ منهنجو مائٽ زيادتي ڪندو رهيو. ڇوڪري جي والد ٻڌايو ته ڌي کي 20 جون تي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو ۽ 2 ڏينهن کانپو 22 جون تي جوابدار گهر ٻاهران بيهوشي جي حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا. هن چيو ته سيٽلائيٽ پوليس کي اطلاع ڪيو، پر پوليس ڪا ڪاروائي نه ڪئي، سماجي اڳواڻ واجد لغاري سان رابطو ٿيو، جنهن ايس ايس پي سان ملاقات ڪرائي، ايس ايس پي نوٽيس ورتو ۽ سندس ئي حڪم تي ميڊيڪل ڪرايو ويو. ٻئي طرف ميڊيڪل ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته رپورٽ اچڻ بعد ئي زيادتي جو ٻڌائي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button