اسلام آبادپاڪستان

هڪ ٻن ڏينهن ۾ آئي ايم ايف جو فيصلو اچي ويندو:وزيراعظم

لاهور :وزيراعطم شهبازشريف معاشي صورتحال جي بهتري جا حدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جو عزم ورجائيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آئي ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آئي ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم آئي ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي اڱاري تي صبح سوير فون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم ۽ آئي ايم ايف جي مئنجنگ ڊائريڪٽر آئي ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي روشني ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آئي ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿا. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته آئي ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آئي ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. هن وزيراعظم شهبازشريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button