پاڪستانسنڌ

جروار ڀرسان 2 معصوم ڀائر ارڙي وگهي فوت، ڊي سي نوٽيس ورتو

جروار: جروار لڳ يارولنڊ جي ڳوٺ امام بخش لنڊ ۾ ڳوٺاڻي عبدالحق لنڊ جا ٻه پُٽ 7 سالن جو عامر ۽ 5 سالن جو عبدالغفار لنڊ ارڙي سبب فوت ٿي ويا، جنهن ڪري گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان حوالي سان ڳوٺاڻن ٻڌايو ته هفتو اڳ ڳوٺ محمد مراد لنڊ ۾ 6 ورهين جي نينگري بينظير ڌي غازي لنڊ ۽ نينگري مشهد لنڊ پڻ ارڙي سبب فوت ٿي وئي هئي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله يارو لنڊ جي ڳوٺ امام بخش لنڊ ۾ ارڙي پکڙجڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او کي متاثر ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڦهليل ارڙي وبا تي ضابطو آڻڻ لا ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button