اسلام آبادپاڪستان

سويلين ٽرائل،جسٽس يحيٰ آفريدي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين ٽرائل خلاف درخواستن جي شنوائي لاءِ جسٽس يحيٰ آفريدي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل جي خاطري تي فوجي عدالتن خلاف حڪم نامو جاري ڪرڻ جي درخواستگذارن جي وڪيلن جي درخواست رد ڪري ڇڏي. حڪومت سپريم ڪورٽ کي يقين ڏياريو آهي ته 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي فوجي عدالت مان موت جي سزا نه ڏني ويندي ۽ کين وڪيل مقرر ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بينچ آرمي ايڪٽ تحت فوجي عدالتن ۾ سول ڪيسن جي ٽرائل خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين، اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا، نامور جيورسٽ اعتزاز احسن ۽ سول سوسائٽي طرفان داخل درخواستن جي شنوائي ڪري رهي آهي. شنوائي دوران اٽارني جنرل فوج جي تحويل ۾ آيل ماڻهن بابت 3 ضمانتون ڏنيون. ڪنهن به قيدي جو فوري يا سمري ٽرائل نه ٿيندو، ڪنهن به قيدي کي موت جي سزا نه ڏني ويندي، وڪيل مقرر ڪرڻ جو موقعو ۽ بيان جي ڪاپي گهروارن کي فراهم ڪئي ويندي. اٽارني جنرل چيو ته قانون موجب ٽرائل جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون ۽ جوابدارن جي حوالي سان جاچ هلي رهي آهي، جاچ مڪمل ٿيڻ باوجود ٽرائل ۾ اڃا وقت گهرجي، سمري ٽرائل نه ٿيندو. ڪيس هليو ويندو ۽ ٽرائل شروع ڪيو ويندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته جوابدارن کي وڪيلن جي حاضري لاءِ وقت ڏنو ويندو.جسٽس عائشا ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اندروني لاڳاپن جو به رخ آهي ته ڇا سولين جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ نٿو هلي سگهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته 21 هين ترميم ڪيس جي فيصلي ۾ جنگ جي خطرن ۽ پاڪستان جي دفاع لاءِ خطرن جهڙا اصول رکيا ويا آهن، جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ صورتحال ڪافي بهتر آهي. ڇا اندروني تعلق شامل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين ٽرائل خلاف درخواستن جي شنوائي لاءِ جسٽس يحيٰ آفريدي فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته چيف جسٽس کانپوءِ سينيئر ترين جج سميت بئنچ ۾ شامل ٻين ميمبرن جا لکت اعتراض به سامهون اچي چڪا آهن، موجوده بئنچ کي فوري طور ڌيان ۽ چيف جسٽس جي نظرثاني جي ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين ٽرائل خلاف درخواستن جي شنوائي ڪندڙ بئنچ ۾ شامل جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ته انصاف جي نظام جو بنياد عدليا تي عوام جو اعتماد ئي هوندو آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ جوڙي، عدل جي نظام جي ساک جي عمارت عوامي اعتماد تي بيٺي آهي، موجوده حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ هن وقت ملڪ ۾ چونڊن لاءِ سياسي ماحول جو منظرنامو چارج آهي. نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي سياسي چارج ماحول ۾ موجوده عدالتي بئنچ خلاف اعتراض ڪري سگهجي ٿو ۽ فوجي عدالتن خلاف ڪيس ٻڌندڙ بئنچ ۾ موجود ججن جا لکت اعتراض انتهائي سنجيده آهن، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button