پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ گرمي وڌڻ سبب نانگ بلائون نڪري آيون، 11 ماڻهو زخمي

ڇاڇرو: ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن جي ڳوٺن ۾ تازو طوفاني برساتن کانپوءِ گرمي سبب نانگ بلائن جو آزار وڌي ويو. ڇاڇرو اسپتال ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ نانگ بلائن جا ڪکيل 11 زخمين کي داخل ڪيو ويو، جن ۾ ڳوٺ ڪيتار جو 25 سالن جو جمن پٽ نڀن نهڙي، ڳوٺ وانڪو ڀيل جو 24 سالن جو پرڀو پٽ پاتو ڀيل، ڏاهلي جو رسول بخش، سڪينه زال منظور، ڳوٺ ڍاڪلو جو کيتو، پريتم، گل محمد، سريش ڀاڏاسندا، ڳوٺ ڇاپر جو صديق بجير سميت ٻيا شامل آهن. 3 ڏينهن ۾ نانگ بلائن جي ڪکيل زخمي مريضن جو انگ 25 تائين پهچي ويو آهي، سخت گرمي ۾ بجلي نه هئڻ ۽ اسپتال جو جنريٽر خراب هجڻ ڪري مريض تڙپڻ لڳا آهن. مريضن جي وارثن چيو ته گذريل ٽن ڏينهن کان گرمي ۾ اسان جي مريضن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، اسپتال ۾ مٿي جي سور جي گوري به نٿي ملي، دوائون ٻاهر جي ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪريون پيا. اسپتال انتظاميا موجب نانگ بلائن جي وئڪسين زخمين کي لڳائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button