پاڪستانسنڌ

ٽنڊي آدم ۾ ٻڪر جو رت پيارڻ سبب فوت ٿيل نوجوان تي تشدد جو انڪشاف

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ ٿهيم ۾ جعلي پير پاران ٻڪر جو رت پيارڻ سبب فوت ٿيل 25 ورهين جي نوجوان عاشق ٿهيم کي ٻڪر جو رت پيارڻ سان گڏ مٿس تشدد ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آھي. واقعي جو ڪيس سندس ڀا اڪرم ٿهيم جي فرياد تي 3 جوابدارن جعلي ڀوپي پير پيرل شاهھ، روشن ٿهيم ۽ سلطان ٿهيم مٿان تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. فريادي ڄاڻايو آھي ته سندس ڀا جي شادي هڪ سال اڳ گلشير ٿهيم جي نياڻي سويرا سان ٿي هئي، جنهن تان روشن پٽ نور محمد ٿهيم ۽ سلطان پٽ رمضان ٿهيم ناراض ھئا، جن ڀوپي پيرل شاهھ سان هم صلاح ٿي منصوبو ٺاهي اسان کي ٻڌايو ته تنهنجي ڀا کي جنڙي آھي، ٻڪر جو رت گهري ٿي، ڀوپي ٻڪر کي ذبح ڪري سير وارو رت ڀا کي پياريو ۽ تشدد ڪيو، جنهن سبب ڀا جي طبيعت خراب وئي ۽ فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي وارثن گهر ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پوليس موجب جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هڻي رهيا آھيون، پر اهي گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button