ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ گڊڙو لڳ گانگاڻين جي ڍاڻي ۾ 34 سالن جي پرڻيل ويرو زال اجيت ڪولھي گھر ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ سندس مڙس اجيت ٻڌايو ته منھنجي زال جو ذھني توازن درست نه ھو، ھو گھر مان نڪري ويندي ھئي، اسان کيس ڳولي گھر وٺي ايندا ھئاسين. ٻئي طرف خودڪشي ڪندڙ ناري جي پي ڀاوو ڪولھي ٻڌايو ته آئون زرداري فارم غلام قادر مري وٽ ڪم ڪار ڪريان ٿو، منھنجي ڌي جو دماغي توازن درست ھو، خودڪشي واري واقعي کان اڳ بلڪل ٺيڪ ھئي ۽ اسان سان فون تي ڳالھايو ھو، منھنجي ڌي جو ڪڏھن به دماغي توازن خراب ناھي ٿيو، واقعي بابت آئون ڳوٺاڻن کان پڇا ڪندس ته منھنجي ڌي خودڪشي ڇو ڪئي آھي. ٻئي طرف ننگرپارڪر پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close