پاڪستانسنڌ

(پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي خلاف هنگامي اجلاس)توهين آميز واقعا روڪڻ لا قدم کنيا وڃن:او آ سي

جده: سويڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي جي واقعي تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سمورن اسلامي ملڪن کي پاڪ ڪتاب ۽ پيغمبر جي توهين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هنگامي اجلاس جده هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان، اردن، انڊونيشيا، ملائيشيا، آذربائيجان، گڏيل عرب امارات، بحرين سميت ميمبر ملڪن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اسلامي تعاون تنظيم ۾ پاڪستاني نمائندي فواد شير پاڪستان طرفان پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته هڪ طرف پوري امت مسلمه عيد ملهائي رهي آهي ته ٻئي طرف پاڪ ڪتاب کي ساڙڻ سراسر ناانصافي ۽ ناقابل برداشت عمل هو، هڪ اهڙو قدم کنيو ويو، جنهن سڄي مسلمان دنيا کي وڏو ڏک ٿيو. ان موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو ته پاڪ ڪتاب ۽ پيغمبر اسلام جي بيحرمتي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ عالمي قانونن جي فوري طور تي لاڳو ٿيڻ جي ضرورت آهي جيئن نفرت جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. هن زور ڏنو ته سمورن اسلامي ملڪن کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. واضح رهي ته 28 جون تي عيد جي ڏينهن سوئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم جي مسجد ٻاهران قرآن پاڪ کي ساڙڻ ۽ بي حرمتي جو واقعو پيش آيو هو. مقامي پوليس جي سخت سڪيورٽي ۾ عراقي شهري مسجد جي ٻاهران پاڪ ڪتاب کي ساڙيو ۽ مسلمانن جي مقدس ڪتاب جي بيحرمتي ڪئي. قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف سڄي دنيا ۾ مسلمان سراپا احتجاج آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button