پاڪستانسنڌ

اليڪشن ڪرائي هٿ ٺوڪيا حڪمران آندا ويندا: زين شاهه

سڪرنڊ: ايس ٽي پي تعلقي سڪرنڊ جي اڳوڻي صدر ايوب کوسو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھه سان ملاقات ڪري ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سيد زين شاهھ چيو ته اڳ ۾ ملڪ ۾ لڪ چپ ۾ ھٿ ٺوڪيا حڪمران آندا ويندا ھئا، پر ھاڻي کلي سامھون آيا آھن، اليڪشن ڪرائي پنھنجي مرضي جي حڪومت ٺاھي ويندي، اھڙي اليڪشن جي ڪھڙي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي حڪمران جماعت مڃڻ لا تيار ناھي، ڇو ته اصل حڪمرانن جو حڪومت جي مٿان ھٿ آھي، 1970ع ۾ ماڻھن کي فارم ئي جمع ڪرڻ ئي نه ڏنو ويندو ھو، ڪراچي ۾ 30 ميمبرن کي ووٽ کان روڪي پنھنجو ميئر چونڊايو ويو، جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڪهاڻي آهي، طاقت ذريعي حڪومت ھلائي پئي وڃي، ايماندار سياستدانن کي ھٽائي ھٿ ٺوڪيا حڪمران آندا ويا آھن، جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث آھن، اسيمبلي ذريعي نيب کي مفلوج بڻايو ويو آهي، جيسين تائين ڪڙو احتساب نه ٿيندو ۽ تيستائين ملڪ جون حالتون بهتر نه ٿينديون. ان موقعي تي مجيب ماڇي، شھمير جمالي، قاسم سومرو ۽ ٻيا موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button