پاڪستانسنڌ

حيدرآباد واسڻ عورت بيدردي سان قتل، نوري آباد ويجهو تشدد ٿيل لاش مليو

نوري آباد: نوري آباد ويجهو سدا بهار هوٽل ڀرسان حيدرآباد واسڻ عورت جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آهي. نوري آباد پوليس اطلاع ملڻ تي لاش کي ايڌي رضاڪارن ذريعي نوري آباد ٿاڻي تي آندو. عورت جي سڃاڻپ ياسمين زال محمد قاسم طور ڪئي وئي آهي. جيڪا حيدرآباد جي ريشم گلي جي رهواسڻ ٻڌائي پئي وڃي. نوري آباد ٿاڻي ايس ايچ او ھاشم بروھي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته نوري آباد ويجھو سدا بھار ھوٽل ڀرسان عورت جو لاش مليو، جنھن کي مٿي ۾ تيزڌار اوزار جا ڌڪ لڳل آھن ۽ ڳلي تي به تشدد جا نشان آهن، جنھن مان رت وھي رھيو ھو.

هن چيو ته رات جي وقت جوابدار عورت کي قتل ڪري اڇلائي ھليا ويا آهن، صبح جيئن اطلاع مليو ته مقتولا عورت جو لاش ٿاڻي تي آندو، جتي فنگر پرنٽ ڊوائس ذريعي معلومات ورتي وئي ۽ سڃاڻپ حيدرآباد جي ريشم گلي واسڻ ياسمين زال محمد قاسم طور ٿي آهي. پوليس پاران وارثن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن مقتولا عورت جو مڙھه پورسٽ مارٽم بعد سردخاني حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي، نوري آباد ٿاڻي تي آخري اطلاح تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button