پاڪستانپنجاب

نوازشريف کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو, عدالت طرفان تفصيلي فيصلو جاري

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف کي غير قانوني پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ بريت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته رڪارڊ ظاهر ڪري ٿو ته نواز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، ان وقت جي حڪومت نيب عملدارن کي مجبور ڪيو ته هو نواز شريف جو سياسي ڪيريئر تباهه ڪري، ملڪ جي 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف جي ساک تباهه ڪئي وئي. احتساب عدالت ريفرنس جي الزامن ۾ نواز شريف جو ڪردار شريڪ جوابدارن کان گهٽ قرار ڏنو آهي.

عدالت نوازشريف ۽ سندس 27 شيئر هولڊرن جون منجمد ملڪيتون بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته نيب اپيل جو وقت گذرڻ کانپوءِ ملڪيتن وارو ڪيس ختم ڪري فيصلي جي ڪاپي چيئرمين نيب ۽ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل کي موڪلي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو ته سينيئر اسپيشل پراسيڪيوٽر اسد اعواڻ کي حقيقتن جي آڌار تي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو، سينيئر اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ قانون موجب ناهي، ان تي ڪارروائي نٿي ٿي سگهي. احتساب عدالت فيصلي ۾ چيو ته عدالت خاموش تماشائي نه بڻجندي، نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي، جوابدار جو بيان رڪارڊ نه ٿيڻ تي کيس اشتهاري قرار ڏيڻ قانوني ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button