پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان گهوٽڪي فيڊر ۾ وهنجڻ دوران 2 ڀائر ٻڏي ويا

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو ڀرسان ڪالهه منجهنڊ جو رانوتي فيڊر پل وٽ گهوٽڪي فيڊر ڪينال ۾ وهنجڻ دوران ٻه سڳا ڀائر 13 سالن جو علي ملڪ ۽ 15 ورهين جو ارسلان ملڪ پٽ لعل ملڪ ٻڏي ويا. اهڙي اطلاع تي وارث ۽ سوين علائقي واسي پهتا. جڏهن ته 8 ڪلاڪن جي ڳولا باوجود ٻنهي ڀائرن جا لاش هٿ نه اچي سگھيا. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ماجد حميد شيخ، مختيارڪار اوٻاوڙو جميل کوسو، جمعيت علما اسلام جي اڳواڻ مولانا غلام ياسين رند، مولانا غلام رسول فاروقي ۽ يوسي رانوتي جي وائيس چيئرمين اسلم ملڪ به پهچي ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ماجد حميد شيخ چيو ته واقعي تي دلي ڏک پھتو آھي، ٻارڙن جي لاشن جي ڳولا لا نيوي سکر جا ٽوٻا گھرايا آهن. هوڏانهن ٻنهي ڀائرن جي ٻڏي وڃڻ جي اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button