اسلام آبادپاڪستان

پنهنجا وسيلا جنگيون وڙهڻ ۾ وڃائڻ نٿا چاهيون:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، جنگيون وڙهڻ ۾ پنهنجا وسيلا وڃائڻ نٿا چاهيون. ماضي ۾ ان جو ڪو فائدو نه ٿيو، هاڻي پنهنجا وسيلا ترقي تي خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا. گذريل ڏينهن هتي پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ ايم او يو تي صحيون هڪ وڏو قدم آهي جنهن سان مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻئي ملڪ ٽيڪنالاجي ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ واري جديد نظام سميت ٻين سهولتن جي دستيابي لاءِ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جا خواهشمند آهيون. هن زور ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب ڏاڍو متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ اسان جي ملڪ جو حصو انتهائي ٿورو آهي. وزيراعظم ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان گڏ مختلف شعبن خاص ڪري سياحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام جي فلاح و بهبود، ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙي ريت اسان بيروزگاري، غربت جي خاتمي ۽ تعليم ۽ آءِ ٽي جي صنعت کي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي به اها ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ برداشت نه ٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجا وسيلا ضايع ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي وسيلن سان ملڪ جي ترقي جا خواشمند آهيون. وزيراعظم ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير سميت ٻين تڪرارن جو خاتمو خطي ۾ ڊگهي امن و امان کي قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. جڏهن ته سوئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس چيو هو ته آفتن سان منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ واري مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن لاءِ هن کي پاڪستان ۾ موجودگي تي فخر آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيندا. سوئيز پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان قدرتي آفتن سبب شديد متاثر ٿي رهيو آهي جنهن سانه رڳو انساني آبادي پر زراعت ۽ بنيادي ڍانچي جو شعبو به بري طرح متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سهڪار جي مفاهمت هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته پاڪستان کي درپيش خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button