اسلام آبادپاڪستانسنڌ

وزيراعظم پاران عبدالستار ايڌي جي ستين ورسي تي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عبدالستار ايڌي جهڙا ماڻهو ئي ڪنهن به معاشري جي اخلاقي قدرن جي صحيح طور تي نمائندگي ڪندا آهن ۽ انسانيت جي خوبصورتي ۾ اسانجي اعتماد کي بحال ڪندا آهن، دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي پنهنجي مقصد لاءِ سچائي سان ڪم ڪندا آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته عبدالستار ايڌي پڻ اهڙين عظيم شخصيتن مان هو جنهن دنيا جا سمورا ڪم ڇڏي انسانيت جي خدمت جو رستو چونڊيو ۽ پنهنجي سموري حياتي محنت ۽ فرض شناسي سان ان مقصد لاءِ گذاري، وزيراعظم شهباز شريف عبدالستار ايڌي جي ستين ورسي جي موقعي تي سندس بلند درجات لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجي ٽوئٽ ۾ مرحوم جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button