اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ۽ فوج خلاف هڪ خاص ٽولو سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙي رهيو آهي. پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح تباهه ڪيو، چار سال ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب ورثي ۽ ثقافت ذريعي پاڪستان جو مثبت اميج پوري دنيا تائين پهچائڻو آهي، هن وقت نوجوان نسل کي مثبت ميڊيا ذريعن جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته گذريل حڪمرانن پنهنجي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح نقصان رسايو ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجڻ گهرجي نه وري پيٽرول بم. مريم اورنگزيب چيو ته فلم سازي ۾ استعمال ٿيل اوزارن کي گهرائڻ لاءِ ايف بي آر ذريعي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏني وئي. ريڊيو پاڪستان ۾ عوام لاءِ پهريون ڊجيٽل سينيما بڻائي رهيا آهيون، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن سينيما ۽ ٿيٽرز بڻايا ويندا. هن چيو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو صحافين ۽ آرٽسٽن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي. پي ٽي وي تي حملو ڪندڙن ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين پنهنجي گهربل هدف تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ چاغي آرڪائيو کي ساڙيو ويو جنهن جو ڪو به بيڪ اپ ناهي، هاڻي سمورا آرڪائيو ڊجيٽل ڪرڻ وڃون پيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيترا به غلط ڪم ڪيا انهن جو سمورو ملبو اڳوڻي آرمي چيف تي وجهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ اهي سموريون غلط شيون پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس ساٿين ڪيون. لسٻيلا حادثي تي گندي مهم هلائي وئي جنهن جي سخت مذمت ڪريان ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close