پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بااثر ماڻهن خلاف عورت جو احتجاج

ميرپورخاص: جھڏو شھر جي رهواسڻ رضيه بي بي ۽ سندس ڀاڻيجي حسن جٽ علائقي جي بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف ميرپرخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثره رضيه ۽ سندس ڀاڻيجي حسن جٽ ٻڌايو ته علائقي جا بااثر مرتضى جٽ، امجد جٽ ۽ مصطفى جٽ اسان جي زمين مان زبردستي پوکيل ڀاڄيون پٽي نقصان ڪندا هئا، منع ڪرڻ تان هنن منھنجي پٽ الھڏتو جٽ کي ڪھاڙيون هڻي زخمي ڪيو، جيڪو حيدرآباد اسپتال ۾ داخل آهي، پر اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، جوابدار بااثر هجڻ ڪري ڪيس مان هٿ کڻڻ لا دٻا وجهي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايس ايڇ او جھڏو کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button