پاڪستانسنڌ

مٺي جي عورت مڙس حوالي، ڀوپي تي لڄالٽ جو الزام

مٺي: مٺي ڀرسان ڳوٺ سوري جو تڙ مان ڀوپي هٿان اغوا ڄاڻايل عورت کي پوليس جڊيشنل مئجسٽريٽ مٺي جهانگير جمالي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عورت مڙس سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو، عدالت کيس مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏني. عورت بيان قلمبند ڪرائيندي ڀوپي مڪو ميگهواڙ سميت وڌيڪ چئن ڄڻن تي اغوا ڪرڻ بعد زنا جو الزام هنيو. هوڏانهن اغوا ۽ زنا جي الزام هيٺ آيل ۽ سندن ساٿين کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي. ناري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس سندس مڙس جي فرياد تي ڀوپو ۽ سندس 4 ساٿين مٿان مٺي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button