پاڪستانسنڌ

گمبٽ ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو قتل

گمبٽ: گمبٽ ڀرسان ڳوٺ وريو واھڻ ۾ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عجب گل جوڻيجو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان حوالي سان مقتول جي پٽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بابا گهر کان جيئن ئي نڪتو ته رستي ۾ سندس تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو پر اسپتال پهچڻ کان پهريان رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن راڻيپور ٿاڻي تي 5 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي. قتل جو ڪارڻ پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته پوليس اٽالا ساڻ ڪري وڌيڪ خون ريزي کي روڪڻ لا ڳوٺ وريو واھڻ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button