اسلام آباد :موسميات کاتي برساتن جي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، برساتون اڃا ختم ناهن ٿيون، چوماسيءَ جو ٻيو اسپيل برساتون وسائڻ لاءِ تيار آهي. موسميات کاتي 14 کان 16 جولاءِ دوران سکر، جيڪب آباد، ننگرپارڪر، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جي نتيجي ۾ هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.
موسميات کاتي 13 کان 17 جولاءِ تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، عربي سمنڊ مان چوماسي هوائون 12 جولاءِ تي ملڪ ۾ داخل ٿينديون، جنهن جي نتيجي ۾ هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ مان چوماسي هوائون 12 جولاءِ جي شام تائين ملڪ جي مٿين ۽ وچين علائقن ۾ داخل ٿي وينديون، اهو سلسلو 14 جولاءِ تائين وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو. موسميات کاتي موجب 12 کان 17 جولاءِ دوران نيلم وادي، مظفر آباد، باغ، حويلي، ڪوٽلي، ميرپور، مري ۽ گليات ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.