اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هڪ لک زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : قومي اقتصادي ڪائونسل (ايڪنڪ) جي انتظامي ڪميٽي وزيراعظم جي هڪ لک زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ ۽ مهمند ڊيم مان قومي گرڊ ۾ 800 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي پي سي ون ۽ پوليو جي خاتمي جي هنگامي پلان سميت ڪيترن ئي اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايڪنڪ جو اجلاس اڱاري تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سيد نويد قمر، خاص مددگار طارق باجوه، خاص مددگار طارق محمود پاشا، سينيٽر نثار احمد کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وزارت جي پنجاب، ڪي پي ڪي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وزيراعظم جي زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 377236 ڏهائي 275 ملين روپين جي لاڳت ايندي ۽ اهو ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. منصوبي جي فيز ون تحت مالي سال 2024ع ۾ سرڪاري شعبي جي سالياني پروگرام تحت 90 ارب روپين جا فنڊ فراهم ڪيا ويندا. جڏهن ته صوبا ۽ فائدو حاصل ڪندڙ آبادگار به ان جي مساوي فنڊ فراهم ڪندا. منصوبي تحت هڪ لک زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، اهو منصوبو قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ، وفاقي واٽر مئنجيمنٽ سيل ۽ صوبائي زراعت کاتن جي سهڪار سان اڳتي وڌندو. اجلاس ۾ ڪي پي ڪي حڪومت جي رورل انويسٽمنٽ اينڊ انڊسٽريل سپورٽ پراجيڪٽ جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي، منصوبي تحت ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي شعبي کي هٿي وٺائي ويندي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ جو جائزو ورتو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. ان رٿا تي 27418 ڏهائي 13 ملين رپين جي لاڳت ايندي جنهن ۾ 24265 ڏهائي 57 ملين رپيا پرڏيهي امداد به شامل آهي. اها رٿا عالمي بئنڪ جي قرضي سان اڳيان وڌائي ويندي. عالمي بئنڪ طرفان 100 ملين ڊالر ۽ سنڌ حڪومت طرفان 45 ملين ڊالر جا فنڊز فراهم ٿيندا. اها رٿا توانائي جي سلامتي ۽ موسمياتي حوالي سان پاڪستان جي بين الاقوامي واعدن جي تڪميل جي اهم ذريعو آهي. اجلاس ۾ توانائي واري وزارت مهمند ڊيم سان قومي گرڊ ۾ 800 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي منصوبي جي پي سي ون جي منظوري به ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button