سنڌ

اسان هن ڀيري وفاق ۾ حڪومت ٺاهي رهيا آهيون:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب جي 700 نون ميمبرن جي پلاٽن لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اسان صحافين جي مدد تي يقين رکون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري هميشه صحافين جي حقن لاءِ ڳالهه ڪئي آهي، اسان صحافين جي تحفظ لاءِ قانون ٺاهيا، جيڪي اڄ تائين ڪنهن ٻي حڪومت ناهن ٺاهيا، خبر ڏئي رهيو آهيان ته هن ڀيري پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت ٺاهي رهي آهي اسان پهرين ڏينهن کان نعرو لڳايو ته ڪراچي سڀني جو آهي، اسان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي منهن ماري انهن جي ناڪامي جو چٽو ثبوت آهي، اسان جو مقابلو ڪنهن سياسي پارٽي سان نه آهي اسان جو مقابلو غربت سان آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن کان اڳ ڪراچي پريس ڪلب جي هائوسنگ اسڪيمن ۽ نون ميمبرن جي پلاٽن جي حوالي سان صوبائي وزيرن ۽ ڪلب جي عهديدارن جي گڏجاڻي ٿي.ِ شرجيل ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ميڊيا هائوسز ۽ صحافين جي هميشه مدد ڪئي آهي، اسان کي معاشي چئلينجز جو علم آهي ان جي باوجود صحافين جي گرانٽ ۾ واڌ لاءِ اسان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ڪري رهيا آهيون، صحافين لاءِ سڀ کان پهريان قانون سنڌ حڪومت ٺاهيو آهي. هن چيو ته اسان جي خلاف ڪافي مهمون هليون، هڪ رٿيل سازش تحت پروپيگنڊا ڪئي وئي پر اسان اهڙي قسم جي سياست تي يقين نٿا رکون، اسان جمهوري ذهن جا ماڻهو آهيون، ٻين پارٽين هميشه آمراڻو رويو رکيو، گذريل حڪومت مرضي جي صحافين کي گهرائي انٽرويو ڏيندي هئي ته جيئن ان جي مرضي سان سوال هجن. هن چيو ته خبر ڏئي رهيو آهيان ته اسان هن ڀيري حڪومت ۾ اچي رهيا آهيون. مينڊيٽ چور پارٽي هن ملڪ ۽ قوم سان جيڪو ڪيو اوهان جي سامهون آهي، اڄ اهي شڪايت ڪن ٿا ته اسان جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي حالت اوهان جي سامهون آهي ڪراچي ۾ صفائي جو ڪم اوهان ڏسي رهيا آهيو، جن وٽ ڪراچي جي حڪومت هئي، انهن ڪجهه نه ڏنو، ٽرانسپورٽ هجي يا صحت اسان پهرين نمبر تي آهيون، ايم ڪيو ايم جماعت اسلامي ڇڪتاڻ کي ڇڏين ۽ جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته اسان سان اچي ڳالهائين، شرجيل ميمڻ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آئي جو حشر سڀني ڏسي ڇڏيو آهي، اهي ڊڄڻا آهن، ڪيسن کي منهن ڏيڻ بدران اهي لڪي ويا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان جي خلاف رويو سخت رهيو آهي، اسان جي پروفائيل ۾اوهان کي شهادتون ملنديون ۽ ٻين جي پروفائيل ۾ بس بيڪ ڊور رابطا آهن هن چيو ته اسان جي ادارن جي خلاف جيڪو ٽرينڊ هلي رهيو آهي ان ۾ دشمن ملڪ شامل آهن، پي ٽي آئي جي ويڙهه هن ملڪ سان آهي، ادارن سان نه آهي، اهي ملڪ کي ڊيفالٽ ڏسڻ چاهين ٿا تحريڪ انصاف احساس فراموشن جو مثال قائم ڪيو آهي اها ادارن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي، اسان رياستي ادارن، جڊيشري سان گڏ بيٺا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button